اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائي?? جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي د??يا ۾ رهندڙ ڪشميرين 27 آڪٽوبر کي ڪارو ڏينهن ڪري ملهايو. اسلام آباد ۾ ڪل ج??اع??ي حريت ڪانفرنس آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ڄمون ۽ ڪشمير لبريشن سيل جي اهتمام هيٺ ڪاري ڏينه?? جي موقعي تي گڏيل قوم?? جي ملٽري آبزرور گروپ جي ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري جي قيادت ڪل ج??اع??ي حريت ڪانفرنس آزاد ڪشمير شاخ جي سينيئر اڳواڻ غلام محمد صفي ڪئي جڏهن ته حڪومتي وزير احمد رضا قادري آزاد حڪومت رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي نمائندگي ڪندي خصوصي طور تي شرڪت ڪئي. مظاهري کي حريت ڪانفرنس جي سيڪريٽري جنرل شيخ عبالمتين، سينيئر حريت اڳواڻ سيد يوسف نسيم سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.