اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ هڪ اتفاق راءِ وارو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي جنهن ۾ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ ??نس??ني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جي مذمت ڪندي ان ??زم کي ورجايو ويو آهي ته ڪشميرين جي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ سندن اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر ڪامل علي آغا 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي غاصباڻي قبضي جي مناسبت سان ڪاري ڏينهن ج?? موقعي تي قرارداد پيش ڪئي جنهن ۾ چيو ويو ته هي ايوان ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ بي رحماڻي ڀارتي دهشتگردي، ڀارتي فورسز جي هٿان ۽ بيگناهه ڪشميرين جي قتل عام ۽ ??نس??ني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جي شديد مذمت ڪري ٿو. قرارداد ۾ اهو پڻ چيو ويو ته هي ايوان ??نس??ني حقن واري ڪم??شن کان مطالبو ڪري ٿو ته ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ??نس??ني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جي جائزي لاءِ انڪوائري ڪم??شن جوڙيو وڃي. والاريل وادي ۾ ڀارت طرفان ??علي چونڊن، گ??يل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي آهي. هي ايوان مطالبو ڪري ٿو ته ڪشميرين کي سندن امنگن ۽ گ??يل قومن جي قراردادن موجب آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف طريقي سان ??اءِ جو حق ڏنو وڃي. قرارداد ۾ چيو ويو ته هي ايوان ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو. ان کانپوءِ سينيٽ اتفاق راءِ سان ٺهراءُ جي منظوري ڏئي ڇڏي. سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو ته ان ٺهراءُ جي ڪاپي گ??يل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ ٻين ملڪن جي پارليامينٽن ڏانهن موڪلي وڃي.