اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني يو ايس ايڊ جي ايڊمنسٽريٽر سمانٿا پاور سا?? ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ايدمنسٽريٽ?? يو ايس ايڊ نگران پرڏيهي وزير کي پاڪستان ۾ يو ايس ايڊ جي ڪم ??اص طور تي موسمياتي مسئلن جي حوالي سا?? بريفنگ ڏني. هن غزه جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران پرڏيهي وزير غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ انساني امداد جي فراهمي جي لاءِ محفوظ رستي جي ضرورت تي زور ڏنو. يو ايس ايڊ جي ايڊمنسٽريٽر پاڪستان حڪومت پاران آمريڪا ويندڙ افغانين جي مدد ڪرڻ تي نگران پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا.