اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ٽي وي چينلز تي اهم قومي مسئلن تي عوامي بحث جي شروعات ٿيڻ گهرجي، اليڪشن جي تاريخ جي اعلان سان نگران حڪومت جي خلاف پروپئگنڊه جو خاتمو ٿيندو، ملڪ ۾ بهتر ماحول جي فروغ جي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، موجوده ڪابينا ۾ سمورا وزير پنهنجي شعبن ۾ ماهر آهن، نگران حڪومت کي عالمي برادري سان معاملا طئي ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڏکيائي نه آهي، ڪوشش آهي ته ملڪ جنهن حالت ۾ مليو ان کان بهتر حالت ۾ اڳئين چونڊيل حڪومت جي حوالي ڪري وڃون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي وي جي پروگرام ”رياست“ ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته زن??گي جا سمورا تجربا ذميواريون ادا ڪرڻ ۾ مددگار هوندا آهن، صحافت جي شعبي سان واڳيل رهڻ سان بطور اطلاعات واري نگران وزير ذميوارين جي ادائيگي ۾ آساني ٿي، مستقبل جي حوالي سان مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ فيصلو ڪندس. هن چيو ته ملڪي مسئلن جي حل لاءِ ٽي وي چينلز تي کليل بحث ٿ??ڻ گهرجي. قومي براڊ ڪاسٽنگ ميڊيا کي پبلڪ سروس پروائيڊر هجڻ گهرجي. هن چيو ته اڄ مين اسٽريم ميڊيا ۾ انگريزي جو هڪ ئي ٽي وي چينل آهي جيڪو پي ٽي وي جو آهي، ??سا?? کي ان جي معيار ۽ پروگرامن جي ڪوالٽي کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پي ٽي وي کي معيشت، پرڏيهي پاليسي، براڊ ڪاسٽنگ سميت اهم مسئلن تي عوامي بحث جي شروعات ڪرڻ گهرجي. ان ڳالهه تي بحث ٿ??ڻ گهرجي ته هي ملڪ ڪيئن اڳتي وڌندو. نگران وفاقي وزير چيو ته ويزن ڏيڻ سياسي قيادت جو ڪم آهي، ان تي ضرور بحث ٿ??ڻ گهرجي. هن چيو ته ??سا?? جو مينڊيٽ نه آهي ته وڏن مسئلن تي پنهنجو ويزن ڏيون، ??سا?? محدود اختيار سان محدود مدي جي حڪومت آهيون. ??سا?? جو حلف آهي ته ??سا?? سمورين سياسي قوتن کي برابر موقعا ڏيون، ڪنهن سان امتيازي سلوڪ نه ٿئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اڄ تمام گهڻي خوشي جو ڏينهن آهي ته اليڪشن جو اعلان ٿي ويو آهي، اليڪشن ??نعقد ڪرڻ جي لاءِ ڪم تيزي سان جاري آهي، اليڪشن ڪميشن ??ڌائي ڇڏيو آيه ته جنوري جي آخري هفتي ۾ اليڪشن ??يندي. هن چيو ته اڄ اليڪشن ڪميشن جي اعلان کانپوءِ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ به تيزي آئي، اها ڳالهه يقيني آهي ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام ايندو ته معاشي استحڪام به ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا. ??سا?? پنهنجون تجويزون اڳئين حڪومت ڏئي وينداسين. هن چيو ته ??سا?? جي ڪوشش آهي ته سمورين سياسي پارٽين کي برابر موقعا فراهم ڪيا وڃن، ??سا?? سمورين سياسي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪريون ته جيئن ملڪ ۾ چونڊن جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ٿي سگهي. هن چيو ته رياستي ميديا کي ماڻهن ۾ اعتماد پيدا ڪرڻ گهرجي ته جيئن صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ ممڪن ٿي سگهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته ميڊيا تي پابنديون نه هجڻ گهرجن پر خبر تي ادارتي ڪنٽرول ضرور هجڻ گهرجي ته جيئن ملڪ ۾ افراتفري جو ماحول پيدا نه ٿئي. هڪ سوال تي هن چيو ته چونڊون ويجهو آهن، هر هڪ کي سياست ڪرڻي آهي، جيڪڏهن ڪنهن سياسي پارٽي سان زيادتي ٿئي ٿي ته شڪايت ڪرڻ تي ڪا پابندي نه آهي، عوام جي عدالت به کليل آهي، ميڊيا ۽ ق??نون جون عدالتون به کليل آهن. نگران وفاقي وزير چيو ته گذريل حڪومت جي فيصلن تي عملدرآمد ڪرڻ ??سا?? جي لاءِ لازمي آهي، ??سا?? سياسي حڪومت نه آهيون، هڪ آئيني حڪومت آهي، ??سا?? جو محدود مينڊيٽ آهي، آئين جي آرٽيڪل 224 تحت ??سا?? جو وجود آهي، نگران حڪومت کي عالمي برادري سان معاملا طئي ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا ڏکيائي نه آهي. هن چيو ته موجوده ڪابينا ۾ سمورا وزير پنهنجي شعبن ۾ ماهر آهن، ??سا?? وٽ رياست جا ادارا به موجود آهن ۽ اهل ڪابينا به. ??سا?? جي ڪوشش هوندي ته ملڪ جنهن حالت ۾ ??سا?? کي مليو آهي ان کان بهتر حالت ۾ ڏئي وڃون. هن چيو ته جيستائين ملڪ جي معيشت جا بنياد صحيح نه ٿيندا ملڪ ۾ خوشحالي نه ٿي اچي سگهي.