اسلام آباد – 21 – سي??ٽم??ر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪئناڊا جي سک اڳواڻ هرديپ سنگهه جي قتل ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ دنيا تي زور ڏنو آهي ته ا??ا ڪئناڊا جي سرزمين تي ڀارت جي رياستي سرپرستي ۾ ٿيندڙ قتل جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر سک اڳواڻ جي قتل تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڀارت جي اندر ۽ ٻاهر اقليتي گروهن جي قيادت تي ظلم ڪرڻ ۽ انهن کي ختم ڪرڻ ڀارت جي پاليسي رهي ??هي. صدر وڌيڪ چيو ته سک اڳواڻ جي بي رحماڻي قتل ڀارت جو اصل چهرو بي نقاب ڪري ڇڏيو جيڪو اقليتي گروهن جي خلاف ع??م برداشت جو مظاهرو ڪري رهيو ??هي. هن چيو ته ڀارت ڪيترن ئي ڏهاڪن کان غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مسلمانن ۽ ٻين اقليتي برادرين جي خلاف دهشتگردي جاري رکي ??هي. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران ڪيل ظلمن ۽ اقليتن تي ظلم ۽ ڏاڍ ۽ انهن جي عبادتگاهن کي مسمار ڪرڻ تي دنيا جي خاموشي ۽ بي عملي ڀارت ک?? غيرملڪي سرزمين ۾ اهڙي قسم جون ڪارروايون ڪرڻ جو حوصلو ڏنو. هن چيو ته ا??و هڪ کليل راز آهي ته ڀارت پاڙيسري ملڪن جي سرزمين پاڪستان جي خلاف استعمال ڪرڻ، فالس فليگ آپريشنز، پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين جي لاءِ عسڪريت پسندن کي تربيت، فنڊنگ ۽ مدد فراهم ڪري خطي ۾ مشڪلاتن ۽ عدم استحڪام جو سڀ کان وڏو ذريعو آهي پر افسوس جو دنيا خاموشي اختيار ڪري رکي ??هي.