اسلا?? آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته گذريل دور ۾ هڪ نلڪو هڻي ان جي تشهير ڪئي ويندي رهي، اڳوڻي حڪومت ملڪ کي معاشي بدحالي جو شڪار ڪيو، اڄ بالٽي، دٻي ۽ ڪنستر هڻي عدالت پيش ٿيندڙ عوام سا?? اکيون نه ٿو ملائي سگهي، وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف 15 مهينن جي مختصر عرصي ?? ترقياتي منصوبن جو ڄار وڇايو، معاشي بدحالي کي معاشي استحڪام ۾ بدلايو، بهاره ڪهو باءِ پاس منصوبو ڪنهن معجزي کان گهٽ نه آهي، ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان ڪليات، ڪشمير ۽ مريءَ جا ماڻهو وزيراعظم کي سڄي عمر دعائون ڏيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن بهاره ڪهو باءِ پاس منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف، حنيف عباسي، طارق فضل چوڌري، سي ڊي اي چيئرمين سميت ٻيا موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 2018ع ۾ اسان ملڪ ?? ترقي جو سفر ڇڏي ويا هئاسين، ملڪي معيشت 6.3 سيڪڙو جي شرح سان ترقي ڪري رهي هئي ۽ جڏهن هاڻي 2022ع ۾ ٻيهر اقتدار ۾ آياسين ته ملڪ معاشي بدحالي جو شڪار ٿي چڪو هو. وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف ڏينهن رات محنت ڪري پاڪستان جي عوام کي ريليف ڏنو ۽ معاشي بدحالي کي معاشي استحڪام ۾ بدلايو. هن چيو ته ??هب??ز شريف جڏهن پنجاب جو وڏو وزير هو ته هن سڄي پنجاب ۾ روڊن جو ڄار وڇايو، اسپتالون ٺاهيون، يونيورسٽيون ٺاهيون، ڏکڻ پنجاب ?? ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ته ان وقت اسان چوندا هئاسين ته اهڙو لينڊ اسڪيپ اسلا?? آباد ۾ ڇو نه ٺهي سگهيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هو پنهنجي ڳوٺ ڀورڀن وڃڻ جي لاءِ انهي روڊ ذريعي گذرندي هئي، بهاره ڪهو جو رستو انتهائي مشڪل رستو هو، وزيراعظم اهو ڪم ڪيو آهي جنهن تي سڄي عمر ڪليات، ڪشمير، مري جا ماڻهو کيس دعائون ڏيندا رهندا، ان رستي تان مريض به گذرن ٿا، نوجوان ۽ مزدور به، هتي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ايمبولنسون رڪيل هونديون هيون، شديد ٽري??ڪ جام جا مسئلا هئا، مري وڃڻ جي لاءِ بهاره ڪهو جو رستو ڪنهن اذيت کان گهٽ نه هو، 10 مهينن جي مختصر مدي ۾ اهو منصوبو مڪمل ٿيو. هن چيو ته اسلا?? آباد مريءَ ۽ لاڳاپيل علائقن مان انهي رستي سفر ڪندا آهن. وفاقي وزير چيو ته نواز شريف جڏهن وزيراعظم هو ته هن سرينگر هاءِ وي، اسلا?? آباد ايڪسپريس وي، مريءَ ايڪسپريس وي، ايئرپورٽ ٺاهيا، انهي تسلسل کي قائم رکندي وزيراعظم ??هب??ز شريف اقتدار ۾ ايندي ئي پهرين 15 ڏينهن اندر بليو بس، اورينج بس ۽ ميٽرو بس سروس جي شروعات ڪئي، اڄ اسلا?? آباد جي اندر ڪو اهڙو روٽ نه آهي جيڪو راولپنڊي، مريءَ ۽ اسلا?? آباد کي پاڻ ۾ نه ڳنڍيندو هجي. اڄ ايئرپورٽ تائين ميٽرو بس ذريعي آسان پهچ موجود آهي. هن چيو ته اسلا?? آباد جي هر شهري، هر شاگرد ۽ هر مزدور وٽ ميٽرو بس جي سهولت ۾ عزت واري سواري موجود آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته بالٽي، دٻو ۽ ڪنستر لڳائي عدالت ۾ پيش ٿيندڙ عوام سا?? اکيون نه ٿا ملائي سگهن، گذريل دور ۾ هڪ نلڪو هڻي مشهوري ڪئي ويندي هئي، انهن ماڻهن چئن سالن ۾ ملڪ کي معاشي تباهي طرف ڌڪيو. هن چيو ته وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف جي قيادت ۾ حڪومت 15 مهينن جي مختصر مدي ?? ترقياتي منصوبن جو ڄار وڇايو، پاڪستان کي ڊيفالٽ کان بچايو، پاڪستان جو ماس ٽرانزٽ سسٽم هجي يا ڪو ترقياتي منصوبو، اهي پاڪستان جي عوام لاءِ وزيراعظم جي نيت ۽ خدمت جون نشانيون آهن.