اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي خ??وص?? ماڻهن تي زور ڏنو آهي ته اهي معذوري سرٽيفڪيٽ ۽ نادرا جو خ??وص?? سڃاڻپ ڪارڊ ضرور ٺهرائين، ان سان انهن کي حڪومتي اسڪيمن ۽ سهولتن مان فائدو کڻڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن معذورن جي حقن واري ڪائونسل سيڪريٽريٽ جي دوري جي موقعي تي ڪيو. خاتون اول کي معذورن جي حقن واري ڪائونسل جي مينڊيٽ ۽ خ??وص?? ماڻهن کي ڏني ويندڙ خدمتن بابت ٻڌايو ويو. هن چيو ته خ??وص?? ماڻهن کي ون ونڊو آپريشن جي ذريعي معذوري سرٽيفڪيٽ ۽ نادرا جو خ??وص?? سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ خوش آئنده آهي، خ??وص?? ماڻهو نادرا جو خ??وص?? سڃاڻپ ڪارڊ ۽ معذوري سرٽيفڪيٽ ضرور ٺهرائين، ان سان حڪومتي اسڪيمن ۽ سهولتن مان فائدو کڻڻ ۾ مدد ملندي. بيگم ثمينه علوي چيو ته خ??وص?? ماڻهو پنهنجي ڪوٽا موجب سرڪاري نوڪريون حاصل ڪري سگهن ٿا، سڄي پاڪستان ۾ خ??وص?? ماڻهن جي چرپر آسان بڻائڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي، بازارن، شاپنگ سينٽرز ۽ عوامي جاين تائين خ??وص?? ماڻهن جي پهچ وڌائڻي پوندي. خاتون اول چيو ته نجي شعبي ۾ خ??وص?? ماڻهن جي نمائندگي وڌائڻ جي لاءِ ڪاروباري برادري جو تع??ون ضروري آهي.