اسلام آباد – 13 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته چ??ر سال پنجاب جا وسيلا ڦريندڙن کان صوبو پاڪ ٿي ويو آهي، الحمدالله! پنجاب جي وسيلن ۽ پنجاب جي عوام جي محنت جي ڪمائي سان هيرن جون منڊيون خريد ڪندڙن کي پنجاب جي عوام سڃاڻي وئي آهي، فار?? ايجنٽ جو ووٽ ۽ اليڪشن جي طاقت سان وفاق وانگر پنجاب ۾ به صفايو ڪنداسين، ووٽ جي طاقت سان انهن ڦورن، فار?? ايجنٽس ۽ فرنٽ مينن جو خاتمو ڪيو ويندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته چ??ر سال بشريٰ بي بي، فرح گوگي ۽ فرنٽ مينن جي ذريعي وفاق ۽ پنجاب کي ڦريو ويو، اسان پنجاب ۾ ٻيهر خوشحالي جو دور شروع ڪنداسين، پ??جاب جي عوام مفت علاج، تعليم ۽ بهترين رستا ڏينداسين، پ??جاب ۾ ترقي جي رڪيل عمل کي ٻيهر شروع ڪنداسين ۽ گذريل چ??ر سالن دوران پنجاب جي عوام سان ٿيندڙ زيادتين جو ازالو ڪنداسي??. ا??لاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ کي ڊيفالٽ جي ڪناري تي ڌڪيندڙن کي عوام ووٽ نه ڏيندي، پ??جاب جي باشعور عوام پنهنجي ترقي کي ووٽ ڏيندي، اها ٻهروپين، فار?? ايجنٽس، چورن، پ??جاب کي ڦرڻ، اجاڙڻ ۽ ويران ڪندڙن کي ووٽ نه ڏيندي.