اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف چيو ته سرديءَ جي موسم ۾ ٻوڏ متاثر بي گهر ما??هن کي ڇت فراهم ڪرڻ سڀ کان وڏو چئلينج آهي، سرندي وارا ما??هو وڌي چڙهي ان ڪم ۾ حڪومت ??و ساٿ ڏين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ٻوڏ متاثرين جي مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ هلندڙ سرديءَ ۾ بي گهر ما??هن کي ڇت فراهم ڪرڻ هڪ وڏو چئلينج آهي. وزيراعظم مينزيز ايوي ايشن گروپ ۽ الفسپارز گروپ پاران ٽانڪ ۾ متاثرين جي لاءِ سئو گهرن جي عطيي تي انهن جا ٿورا مڃيندي چيو ته حڪومت ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ انهن کي هلندڙ سرديءَ جي موسم ۾ ڇت جي فراهمي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم ملڪ جي سرندي وارن ما??هن کي اپيل ڪئي ته اهي ان ڪم ۾ وڌي چڙهي حڪومت ??ي مدد ڪن، اسان کي هن مشڪل وقت ۾ پنهنجي ڀينرن ڀائرن، ٻارن ۽ بزرگن کي اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي.