اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان پرامن افغانستان جو خواهشمند آهي، عالمي برادري افغانستان جي صو??تحال ۾ بهتري جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ مملڪتي وزير پنهنجي تازي افغانستان جي دوري جي حوالي سان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان هڪ پرامن افغانستان جو خواهشمند اهي، عالمي برادري افغانستان جي صو??تحال ۾ بهتري جي لاءِ پنهنجو ڪردا ادا ڪري. وزيراعظم چيو ته پاڪستان افغان ڀائرن ڀينرن جي هر ممڪن مدد ۽ حمايت جاري رکندو.