اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??اڪ??تان ٽيليويزن ۽ فلم جي ناليوار?? اداڪار اسماعيل تارا جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف مرحوم اسماعيل تارا جي گهروارن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي مرحوم جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته مرحوم اسماعيل تارا مزاحيه اداڪار?? ۾ ??نفرد مقام رکندو هو. هن ??اڪ??تان ۾ مزاح کي آرٽ جي هڪ صنف طور مقبول ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ??اڪ??تان ٽيليويزن ۽ فلم جي ناظرين جي ذهنن تي هن ج?? اداڪاري جا اڻمٽ نقش آهن. خاص طور تي ??اڪ??تان ٽيليويزن جي پروگرام ففٽي ففٽي ۾ سندس اداڪاري يادگار رهندي ۽ سندس خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو.