اسلام آباد– 22 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڪوپ 27 ۾ عالمي فنڊ جو قيام ڌرتيءَ کي موسمياتي تبديلين کان ??چائڻ جو هڪ تاريخي سنگ ميل آهي، ماحولياتي انصاف جو مطالعو عالمي سطح تي منظور ٿيڻ پا??ستان ??ي وڏي سفارتي ڪاميابي آهي. موسمياتي تبديلين کا?? متاثر ملڪن جي نقصانن جي ازالي جو عالمي فنڊ قائم ٿيڻ پا??ستان ??ي موقف جي سوڀ آهي. اڱاري تي پنهنجي هڪ بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پا??ستان موقف کي دنيا تسليم ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف اسرندڙ ملڪن تي موسمياتي تبديلين جي هاڃيڪار اثرن ۽ پا??ستان ۾ ٻوڏ جي تباهه ڪارين کي عالمي ايجنڊا ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ پا??ستان ??ي موقف عالمي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪيو. ”ڊيميج اينڊ لاس فنڊ“ جي قيام سان پا??ستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۾ مدد ملندي. هن چيو ته گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽ??ي انتونيو گوتيرس اسرندڙ ملڪن جو محسن ثابت ٿيو. هن چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ موسمياتي تبديلين واري وفاقي وزير شيري رحمان ??ي ڪوششن عالمي سطح تي پا??ستان ??ي موقف کي مڃرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سڀني عالمي اڳواڻ مبارڪن ۽ خراج تحسين جا مستحق آهن، جن ڌرتيءَ کي بچائڻ جي لاءِ فيصلائتو ۽ عملي قدم کنيو. اهو عالمي اتحاد موسمياتي تبديلين جي اثرن جي مقابلي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو.