اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي فلسطيني عوام جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل ۽ واضح حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته فلسطينين جي آزادي جي جدوجهد ان وقت تائين جاري رهندي جيستائين ان??ن کي خودمختياري واري حق جي استعمال جو موقعو نه ٿو ڏنو وڃي ۽ پاڪستان ان??ن سان گڏ جدوجهد ۾ بيٺل رهندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ??نهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان تاريخي طور تي ??لسطينين جي جائز جدوجهد جي حمايت ڪندو آيو آهي ۽ ڪندو رهندو. پاڪستان عالمي سطح تي تسليم ٿيل شرطن ۽ امن معاهدي تي ڳالهين جي لاءِ فلسطيني رضامندي جي حمايت ڪري ٿو. صدر ??يو ته اڄ عالمي برا??ري سان فلسطيني عوام سان گڏ يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهيون. ساڍن ستن ڏهاڪن ۾ اسرائيل فلسطينين سان منظم ۽ وڌندڙ زيادتيون جاري رکيون، بيگناهن جو رت وهايو ويو ۽ فلسطينين جو رت وهڻ جو سلسلو اڃا تائين ناهي رڪيو. صدر ??يو ته مسلسل اسرائيلي تشدد جو تازو واقعو هن سال آگسٽ ۾ ڏٺو ويو، جڏهن غزه ۾ اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ 17 ٻارن سميت اٽڪل 50 فلسطيني مارجي ويا ۽ 300 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته فلسطينين جي خلاف نه رڪجڻ وارو اسرائيلي تشدد، اسرائيل جو فلسطين تي ??اجائز قبضو ان تڪرار جي ناقابل ترديد حقيقتون آهن. اسرائيل پاران والاريل فلسطيني علائقن کي ضم ڪرڻ ۽ انساني قبضي ۽ عالمي قانونن جي منافي آهي. صدر ??يو ته آئون فلسطينين جي لاءِ پاڪستانين جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪريان ٿو، طاقت جي زور تي علائقي تي ??بضو ٿي سگهي ٿو پر عوام جي دلين ۽ دماغ تي ??بضو نه ٿو ڪري سگهجي. فلسطينين جي آزادي جي جدوجهد خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ تائين جاري رهندي. هن چيو ته پاڪستان فلسطينين جي موقف جي مڪمل حمايت ڪري ٿو ۽ عالمي سطح تي تسليم ٿيل شرطن ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي عالمي نگراني ۾ ڌرين جي وچ ۾ هڪ مقرر ٽائيم فريم ۾ تڪرار جو حل چاهي ٿو ۽ اهو ته اهو اوڀر بيت المقدس جي فلسطيني رياست جي گادي واري شهر جي طور تي ??ڪمل حمايت ڪري ٿو. صدر ??يو ته پاڪستان تاريخي طور تي ??لسطينين جي جائز جدوجهد جي حمايت ڪئي آهي ۽ هو اڳتي به ان جي حمايت ڪندو رهندو.