اسلام آباد -26 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي ۽ عوامي معاملن واري صلاحڪار انجنيئر امير مقام چيو آهي ته 80 لک ڪشميرين تي قابض ڀارتي فوج والاريل علائقي کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبدي?? ڪري ڇڏيو آهي. 27 آڪٽوبر تي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي تس??ط خلاف ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چ??و ته 75 سال پهرين انهي ڏينهن ظالم ڀارتي سيڪيورٽي فورسز غيرقانوني طور تي ڄمون ڪشمير ۾ لٿي. انجنيئر امير مقام چيو ته ڪشميري پنهنجي ئي گهرن ۾ قيدي بڻجي ويا. وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته ڀارت جو غير انساني فوجي گهيراءَ ۽ وحشياڻو ڏاڍ ۽ ڪشميرين کي اڪثريت مان اقليت ۾ تبدي?? ڪري والاريل علائقي جي آبادياتي ڍانچي کي تبدي?? ڪرڻ جي ڪوشش آهي. انجنيئر امير مقام عالمي برادري تي زور ڀريو ته والاريل ڪشمير ۾ معصوم ڪشميرين خلاف انسا??ي حقن جي خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي. هن چ??و ته ڪشميرين ثابت ڪري ڇڏيو ته ڀارت طاقت جي وحشياڻي استعمال سان انهن جي عزم کي ٽوڙي ??ٿو سگهي. هن آزادي واري جدوجهد جي شهيدن کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪيو.