اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزادي محمد بن سلمان جي دعوت تي اڄ سومر تي سعودي عرب جو سرڪاري دورو ڪندو. وزيراعظم ميڊيا آ??س پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض روانو ٿيندو. رياض ۾ صرام جي دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان سان ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي شعبي ۾ ڊگهي تعاون کي ??ڌيڪ مضبوط ٺاهڻ ۽ پراڻن ڀائراڻن لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري جي حوالي سان مشاورت ڪندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف سعود?? فيوچرانويسٽمنٽ انيشيٽو سمٽ ۾ به شرڪت ڪندو.