اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٿرڪول ما??نز کي ريلوي ل????ين سان ڳنڍڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ٿر جو ڪوئلو بجلي گهرن ۾ استعمال ٿيڻ سان ساليانو 2 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٿر ڪول ما??نز کي ريلوي ل??ئينز سان ڳنڍڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، احسن اقبال، خرم دستگير، خاص معاونين جهانزيب خان، ظفرالدين محمود ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته ريلوي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد علي شاهه وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ٿر ڪول ما??نز کي ريلوي ل????ين سان ڳنڍڻ سان مقامي ڪوئلو ڄامشورو، پورٽ قاسم ۽ ملڪ جي ٻين پاور پلانٽس سان گڏوگڏ مقامي صنعت کي پڻ فراهم ڪيو ويندو، ان سان ڪوئلي ۽ ٻارڻ جي درآمد ۾ خرچ ٿيندڙ قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائي سگهبو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ترجيحي بنيادن تي ان منصوبي تي ڪم ڪرڻ ۽ ان کي ما??چ 2023ع تا??ين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي ??ڪومت ۽ سنڌ حڪومت جي وچ ۾ ٿرڪول ما??نز کي ريلوي ل????ين سان ڳنڍڻ جو منصوبو حصيداري سان ٺاهڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته گذريل چار سال ۾ ملڪ کي ناقابل تلافي نقصان پهچايو ويو، اسان کي پاڪستان اسپيڊ سان قومي اهميت جا منصوبا مڪمل ڪرڻا آهن، حڪومت ڏينهن رات محنت سان پاڪستان جي ترقي ??يڪا 2018ع کان 2022ع تا??ين ڄاڻي واڻي روڪي وئي، کي بحال ڪري رهي آهي، اسان گذريل حڪومت جي دور ۾ منصوبن کي رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ڪيو. هن چيو ته گذريل حڪومت نوان منصوبا شروع ڪرڻ ته پري جاري منصوبا روڪي ملڪ ۽ قوم جو پئسو برباد ڪرڻ جي ڪڌي سازش ڪئي. وزيراعظم چيو ته ٿرڪول ما??نز کي ريلوي ل????ين سان ڳنڍڻ سان درآمدي ڪوئلي بدران مقامي ڪوئلي جو استعمال ٿيندو، ٿر جو ڪوئلو بجلي گهرن ۾ استعمال ٿيڻ سان 2 ارب ڊالر ساليانو کان وڌيڪ جو پرڏيهي ناڻو بچائي سگهبو.