اسلام آباد– 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) دنيا جي چئن مختلف ملڪن ۾ آزاد ۽ خودمختيار خالصتان رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ ٿيل ريف??نڊ?? ۾ 2 لک 8 هزار سکن حصو ورتو ۽ ڀارت جي پنجاب کي آزاد ڪري اتي آزاد ۽ خودمختيار خالصتان رياست قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اهڙي قسم جي ريف??نڊ?? جي شروعات گذريل سال آڪٽوبر ۾ ٿي جيڪو برطانيا، جنيوا، اٽي ۽ ڪئناڊا ۾ ٿيو جنهن ۾ سک برادري جي وڏي انگ حصو ورتو ۽ تازو ٿيل مشق ڪئناڊا جي شهر برامپٽن ۾ 18 سيپٽمب?? تي ٿي جنهن ۾ هڪ اندازي موجب هڪ لک 10 هزار سکن جيڪي بالغ آدمشماري جو 20 سيڪڙو آهن انهن آزاد ۽ خودمختيار رياست جو مطالبو ڪيو.
پهريون خالصتان ريف??نڊ?? 31 آڪٽوبر 2021ع تي برطانيا ۾ ٿيو هو جنهن ۾ 30 هزار سکن حصو ورتو هو ۽ جنيوا ۾ گذريل سال 10 ڊسمب?? تي ٿيل ريف??نڊ?? ۾ 6 هزار ماڻهن آزاد رياست جي حق ۾ ووٽ ڏنو هو جڏهن ته ساڳئي طرح اٽلي ۾ ٿيل ريف??نڊ?? ۾ 62 هزار سکن ۽ ڪئناڊا ۾ هڪ لک 10 هزار سکن حصو ورتو هو. ڪئناڊا ۾ ريف??نڊ?? سک فار جسٽس تنظيم پاران ڪرايو ويو هو، جيڪو سک اڳواڻ گرپت ونت سنگهه پنو جي اڳواڻي ۾ پرامن ۽ جمهوري انداز ۾ ٿيو هو. جڏهن ته گرپت ونت سنگهه ميڊيا سان ڳالهين ۾ خالصتان رياست جو نقشو پيش ڪندي چيو هو ته شملا ان جي گادي وارو شهر هوندو. اهڙي قسم جي ريف??نڊ?? کانپوءِ سک آزاد موومينٽ هاڻي مکيه ڌارا ۾ شامل ٿي وئي آهي.
ريف??نڊ?? دوران سک برادري ڀارت مخالف ۽ خالصتان جي حق ۾ نعريبازي ڪئي جڏهن ته خالصتان جي حق ۾ نڪتل ريلي ۾ 2 هزار کان وڌيڪ ڪارون شريڪ هيون. سک فار جسٽس سک برادري ۾ عالمي سطح تي سجاڳي آڻڻ جي لاءِ مهم هلائي رهي آهي، جيڪي ڀارت پاران مسلسل ظلم ۽ زيادتي جو شڪار آهن. جڏهن ته ڀارت تي ان حوالي سان دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته اهي سرڪاري طو?? تي اهڙي قسم جو ريف??نڊ?? ڪرائي
گڏيل قومن جي آرٽيڪل تحت ڪا به قوم پنهنجي حق جي لاءِ آواز اٿاري سگهي ٿي ۽ ان حوالي سان ريف??نڊ?? ۽ مظاهرا ڪري سگهي ٿي. جڏهن ته ڀارت پاران ڪئناڊا جي حڪومت تي ريف??نڊ?? روڪڻ جي لاءِ سخت دٻاءُ وڌو ويو پر ڪئناڊا جي حڪومت ريف??نڊ?? اهو چئي روڪڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته ايس ايف جي جو ريف??نڊ?? پرامن ۽ جمهوري انداز ۾ آهي ۽ اهو ڪئناڊا جي قانون موجب ٿي رهيو آهي.
جڏهن ته ڀارت جي پرڏيهي کاتن واري وزارت پاران ريف??نڊ?? تي سخت اعتراض واريا ويا آهن ۽ ان کي دهشتگرد عنصرن پاران هلايل سياسي تحريڪ جو نالو ڏنو ويو آهي جڏهن ته ڀارت جي مکيه اخبارن ۽ ٽيليويزن چينلز پاران سک برادري جي پرامن جمهوري مظاهري کي ڪوريج ناهي ڏني وئي جڏهن ته ان کي منفي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
جڏهن ته خالصتان ريف??نڊ?? جي حق ۾ ووٽ وجهندڙ ڪيترن ئي سکن مطالبو ڪيو آهي ته آزاد خالصتان رياست قائم ڪئي وڃي جڏهن ته هاڻي اها مهم آهستي آهستي ڀارت مان ٿيندي عالمي سطح تائين پهچي وئي آهي. هڪ تجزيه نگار موجب سک آزادي مهم هاڻي آهستي آهستي سک برادري ۾ مشهوري ماڻي رهي آهي. جڏهن ته وڊيو فوٽيجز ۾ ظاهر ٿي رهيو آهي ته آزاد خالصتان جي مهم هاڻي سکن ۾ جاءِ والاري رهي آهي. جڏهن ته ان حوالي سان ويجهي ماضي ۾ ٿيل ڪيترائي ريف??نڊ?? ۽ ماڻهن پاران ووٽ ڏيڻ مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته هاڻي سک ڀارت ۾ پنهنجو هڪ جدا ملڪ چاهين ٿا. خالصتان مهم 1980ع کان ڀارت پاران شروع ڪيل ظلمن کان آجپي جي لاءِ شروع ڪئي وئي آهي.