اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ خوفناڪ ٻوڏ جي متاثرين جي لاءِ ٻاهرئين ملڪن م??ن امدادي سامان جي اڏامن جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي، هيستائين م??تلف ملڪن م??ن 115 اڏامون امدادي سامان کڻي پاڪستان پهچي ويون آهن. پرڏيهي آفيس پاران جاري انگن اکرن موجب ٻوڏ متاثرين جي لاءِ گڏيل عرب امارات مان هيستائين م??موعي طور تي 41، ترڪيه مان 13، چين م??ن 4، ازبڪستان م??ن هڪ، قطر مان 4، فرانس مان هڪ، يونيسيف جون 3، گڏي?? قومن جي پناهگيرن جي اداري (يو اين ايڇ سي آر) جي گڏيل عرب امارات مان ايندڙ 13 اڏامون، ترڪمانستان جي هڪ، اردن جي هڪ، عالمي خوراڪ واري اداري جون 3، آمريڪا جون 21، برطانيا جي هڪ، نيپال جي هڪ، عمان جون 5 ۽ سعودي عرب جون 2 اڏامون امدادي سامان کڻي پاڪستان پهتيون آهن. امدادي اڏامن کانسواءِ ترڪيه جون 2 ٽرڪون ۽ ريل گاڏيون، ت??جڪ??تان م??ن 87 ٽرڪون ۽ عمان م??ن پاڻي جي هڪ جهاز ذريعي به امدادي سامان پاڪستان پهچي چڪو آهي.