اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) آءِ پي يو جي صدر دوارتي پشيگو پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارليامينٽري سروسز (پيپس) جو دورو ڪيو. ان موقعي تي سينيٽر فيصل سليم رحمان به آءِ پي يو جي صدر سان گڏ هو. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پي??س محمد انور ۽ ٻين آفيسرن مهمانن کي ڀليڪار چيو. ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پي??س آءِ پي يو جي صدر کي پي??س قائم ڪرڻ، تاريخ ۽ ڪم جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. آءِ پي يو جي صدر پاڪستان ۾ پارلياماني نظام جي مضبوطي ۾ پي??س جي ڪردار کي ساراهيو. ان موقعي تي آءِ پي يو جي صدر چيو ته پي??س جهڙا ادارا جمهوريت جي فروغ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. آءِ پي يو جي صدر پي??س لائبريري جو جائزو ورتو ۽ مهمانن واري ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر به لکيا. بعد ۾ سينيٽر سليم رحمان ۽ پي??س جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر محمد انور آءِ پي يو جي صدر کي يادگاري شيلڊ پيش ڪ??ي. ??ءِ پي يو جو صدر ٻوڏ سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال جي ڪري پاڪستان سان يڪجهتي اظ??ار لاءِ پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي.