اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ فوجي جوانن جي قافلي تي خود??ش حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اتر وزيرستان ۾ خود??ش حملي جي نتيجي ۾ 4 جوانن جي شهادت تي دلي ڏک ۽ افسوس ٿيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊي?? ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي تائين پوري قوم متحد ٿي ان جو مقابلو ڪندي رهندي ۽ دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي سان مقابلو ڪندي پنهنجي جانين جا نذ??ان?? پيش ڪندڙ انهن جوانن کي مون سميت پوري قوم خراج تحسين پيش ڪري ٿي. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ??ري ۽ انهن جي گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.