اسلام آباد – 01 – جولاءِ (اي پي پي) اط??اع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته صحافت زنجيرن ۾ ويڙهيل هجي ته جمهوريت به ڄڻ قيدي هوندي آهي، ميڊيا ۽ اظهار راءِ جي آزادي ڪنهن تي احسان نه آهي پر آئين جي بنيادي گهرج ۽ حق آهي، صحافين جو تحفظ ۽ پيشيواراڻو سازگار ماحول فراهم ڪرڻ اتحادي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، وزيراعظم شهباز شريف ذميواري سنڀاليندي ئي ميڊيا مخالف قانونن ۽ ضابطن کي ختم ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو، صحافين جي تحفظ جي (ترميمي) بل 2022ع ت?? صحافين ۽ صحافتي تنظيمن سان وڌيڪ ??شاورت ڪري قانوني مسودي کي حتمي شڪل ڏينداسين. اها ڳالهه هن پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (دستور) جي صدر نواز رضا جي قيادت ۾ ملاقات جي لاءِ آيل وفد سان ڳالهائيندي چئي. اط??اع??ت واري وفاقي وزير چيو ته منهنجي خصوصي هدايتن تي جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز پروٽيڪشن (ترميمي) بل 2022ع اط??اع??ت واري وزارت کي ملي ويو آهي جنهن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ خصوصي ڪميٽي جوڙي وئي آهي. ان ڪميٽي ۾ اط??اع??ت?? قانون، انساني حقن جي وزارتن ۽ ميڊيا جا نمائندا شامل آهن. هن چيو ته معاملي کي جلد اڪلائڻ جي لاءِ ڪميٽي ۾ اط??اع??ت ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد پڻ شامل آهي. مريم اورنگزيب چيو ته صحافين ۽ صحافتي تنظيمن سان وڌيڪ ??شاورت ڪري قانوني مسودي کي حتمي شڪل ڏينداسين. هن چيو ته صحافت جي آزادي جو احترام جمهوريت جو بنياد آهي، ميديا جي آزادي سان ئي سياست به زندگي ماڻي ٿي. هن چيو ته ميڊيا جي ادارن ۽ صحافين کي فيڪ ??يوز ۽ پروپئگنڊه نيوز جي لاءِ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اط??اع??ت واري وفاقي وزير چيو ته ميڊيا جي آزادي ۽ احساس ذميواري ۾ توازن سان معاشري ۾ وڌندڙ ويڇن کي روڪي سگهجي ٿو. هن چيو ته اختلاف راءِ ۽ نفرت جي وچ ۾ فرق سمجهائڻ ۽ عوامي راءِ هموار ڪرڻ جي لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي پي ايف يو جي جي وفد اط??اع??ت واري وفاقي وزير ک?? صحافين کي درپيش مشڪلاتن ۽ پيشيواراڻي مسئلن کان آگاهه ڪيو. اط??اع??ت واري وفاقي وزير چيو ته صحافتي تنظيمن جي سفارشن جي روشني ۾ گڏج?? صحافين جا مسئلا حل ڪنداسين.