اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي ??دايت تي عوام کي کاڄرو تيل جي ??ر??هم?? لاءِ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي، انڊونيشيا پاڪستان کي پام آئل فوري فراهم ڪندو، 30 هزار ميٽرڪ ٽن کاڄرو تيل سان ڀريل پهريون بحري جهاز اڄ اڱاري ڏينهن پاڪستان روانو ??يندو. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي 10 جون تي انڊونيشيا جي صدر جو ڪو ويد ودو سان ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، وزيراعظم شهباز شريف جي ??دايت تي پاڪستاني وفد انڊونيشيا جو دورو ڪيو ۽ انڊونيشيا جي ??اپار واري وزارت سان ڳالهيون ڪامياب ٿيون، کاڄرو تيل سان ڀريل 10 بحري جهاز ايندڙ ٻن هفتن ۾ انڊنيشيا ۽ ملائيشيا کان پاڪستان پهچندا، انڊونيشيا کان ڪل اڍ??ئي لک ميٽرڪ ٽن کاڄرو تيل پاڪستان کي فراهم ڪيو پيو وڃي، وزيراعظم شهباز شريف جي ??دايت تي صنعت ۽ پيداوار واري وزير سيد مرتضيٰ محمود انڊنيشيا جي ??م منصب سان معاملا طئي ڪيا، پاڪستاني وفد جي درخواست تي انڊونيشيا جي ??اپار واري وزارت سڀني لاڳاپيل معاملن کي تيزي سان اڪلايو، 30 هزار ميٽرڪ ٽن کاڄرو تيل سان ڀريل پهريون بحري جهاز اڄ اڱاري تي پاڪستان روانو ??يندو. انڊونيشيا جو دورو ڪندڙ وفد ۾ پاڪستان بناسپتي مينوفيڪچرز ايسوسيئيشن جو چيئرمين طا??ق الله صوفي ۽ تنظيم جو ميمبر رشيد جان محمد به شامل هئا.