اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهبا?? شريف سوات جي علائقي پتنئي ۾ ب??هه وسائڻ جي لاءِ 2 هيليڪاپٽر فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي درخواست تي وزيراعظم محمد شهبا?? شريف فوري ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي. ضلعي انتظاميا، ٻيلو کاتو ۽ ريسڪيو 1122 گڏجي بابوزئي ت??لقي جي پتنئي، مينگوره ۾ ب??هه وسائي رهيا آهن، خشڪ موسم ۽ تيز هوا جي ڪري باهه کي وڌيڪ پکڙجڻ کان بچائڻ جي لاءِ هيليڪاپٽر گهريا ويا هئا. وزيراعظم خيبرپختونخواهه جي ضلعي انتظاميا ۽ معاون ادارن جي درخواست فوري منظور ڪندي باهه وسائڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن. وزيراعظم هدايت ڪ??ي آهي ته باهه وسائڻ جي لاءِ فضائي امداد فوري فراهم ڪئي وڃي.