ڪراچي – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي شپ ي??ر?? ۾ ??لجم ڪلاس جهاز پي اين ايس بدر لان?? ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ ڪراچي شپ ي??رڊ اينڊ انجنيئرنگ ورڪس ۾ خصوصي تقريب جو انعقاد ڪيو ويو. تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف خصوصي مهمان طور شرڪت ڪئي. ترڪي جو دفاع وارو وزير هولوسي آقار، پاڪ بحريه جو سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي ۽ ٻين اهم شخصيتن به تقريب ۾ شرڪت ڪئي. جهاز ترڪي جي ايم ايس سفات جي تعاون سا?? ڪراچي شپ ي??رڊ ۾ تيار ڪيو ويو آهي. دفاعي پيداوار واري وزارت ۽ ترڪي جي معاهدي جي تحت ٻه ڪارويٽس جهازن جي تعمير ڪئي وئي آهي، ٻه ڪارويٽس جهازن جي تعمير پاڪستان ۽ ٻن جي تعمير ترڪي ۾ ڪئي پئي وڃي، ان طرز جي پهرين بحري جاز جي لانچنگ گذريل سال آگسٽ ۾ ترڪ?? ۾ ??ي هئي، ٻيا ٻه جهاز مڪمل ٿيڻ جي مرحلي ۾ آهن ۽ اهي جديد هٿيارن ۽ سينسرز سان ليس هوندا. تقريب ۾ پاڪ بحريه جي سربراهه ٽئين ملجم ڪلاس ڪارويٽ جهاز پي اين ايس بدر جو ماڊل وزيراعظم کي پيش ڪيو، ياد رهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جمعي تي هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهتو هو.