اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) ايراني سفارتخاني ڪراچي ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ ملوث عنصرن جي ايران ۾ ممڪن رابطن جي الزامن جي حوالي سان ڪجهه پاڪستاني صحافين پاران پڇيل سوالن تي ردعمل ۾ چيو آهي ته ڪ??هن ثبوت ۽ دستاويزي شهادتن کانسواءِ اه??ي قسم جا الزام غ??رپيشيواراڻا ۽ ناقابل قبول آهن ۽ ا??هن جو مقصد پاڪستان ۽ ايران جي ڀائراڻن لاڳاپن کي نقصان پهچائڻ آهي. ايراني سفارتخاني پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته بنا ڪ??هن شڪ جي هڪ ٽئين ڌر پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ڀائراڻن ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي خراب ڪرڻ چا??ي ٿي، پاڪستان ۽ ايران جي ويجهي لاڳاپن جي دشمنن جي فريب ۾ نه اچڻ گهرجي. بيان ۾ ميڊيا تي زور ڏنو ويو آهي ته اها مستندد ۽ باضابطا ذريعن کان ملندڙ معلومات تي ڀروسو ڪري.