اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف شيشپر گليشيئر ڍنڍ ??ان پاڻي خارج ٿيڻ سان ٿيندڙ تباهي تي هنگامي قدمن جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ۽ محفوظ جاين تي منتقلي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم متاثر علائقن ۾ خوراڪ، دوائون ۽ ضروري هنگامي سا??ان پهچائڻ جو حڪم ڏنو. وزيراعظم وفاقي ادارن کي گلگت بلتستان جي حڪومت جي ڀرپور معاونت جو حڪم ڏيندي نقصانن ۽ متاثر عوام جي حوالي سان رپورٽ طلب ??ري ورتي. وزيراعظم شاهراهه قراقرم تي حسن آباد پل ڪري پوڻ سبب متبادل رستو اختيار ڪرڻ، زرعي ۽ پيئڻ ??ي پاڻي جي نظام جي تباهي سان نقصانن، 2 بجلي گهر متاثر ٿيڻ جو ڪاٿو لڳائڻ ??ي پڻ هدايت ڪندي 700 ۽ 250 م??گ??وا?? بجلي گهرن جي جنگي بنيادن تي بحالي جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته بجلي گهرن جي بحالي، مرمت تي خرچ وفاقي حڪومت ادا ڪندي، شاهراهه قراقرم کي ٿيندڙ نقصان بابت پڻ رپورٽ طلب ??ئي وئي آهي. وزيراعظم چيو ته متاثر عوام جي ڀرپور هنگامي مدد ۽ بحالي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. وزيراعظم متاثر خاندانن سان نقصانن تي همدردي ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.