اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ڪوٽ لکپت جيل لاهور جو د??رو ڪيو ۽ سڄي پاڪستان ۾ قيدين جي سزا ۾ ٻن مهينن جي گهٽتائي ۽ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ جيلن ۾ قيدين جي سهولت ۽ مجموعي نظام جي بهتري لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم لاهور جي دوري جي موقعي تي ڪوٽ لکپت جيل جو د??رو ڪيو ۽ قيدين جي سزائن ۾ ٻن مهينن جي گهٽتائي جو اعلان ڪيو ۽ جيل سڌارن جي لاءِ گهرو وزير جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. وزيراعظم پاران اعلان ڪيل جيل سڌارا ڪميٽي ۾ چئني صوبن جي نمائندگي ڪندي آفيسر شامل هوندا. وزيراعظم شهباز شريف ان موقعي تي چيو ته جيڪي قيدي پنهنجي سزا مڪمل ڪري وٺن انهن کي معاشري جو فعال شهري بڻائڻ ۾ هر ممڪن سرپرستي حڪومت جي فرضن ۾ شامل آهي. وزيراعظم ڪوٽ لکپت جيل عملدارن کي خصوصي هداي?? ڪئي ته قيدين جي سهولت لاءِ دستياب ذريعن کي موثر طريقي سان استعمال ۾ آندو وڃي ته جيئن قيدين جي بنيادي ضرورتن کي پ??رو ڪري سگهجي، ان ڏس ۾ وزيراعظم قيدين جي کاڌي پيتي ۽ صحت جي سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هداي?? ڪئي. وزيراعظم قيدين کي هنرسازي جي لاءِ پڻ دستياب ذريعا موثر طور تي استعمال ۾ آڻڻ جي خصوصي هداي?? ڪئي ته جيئن قيدي پنهنجي سزا جو وق?? مثبت انداز ۾ پ??رو ڪري سگهن ۽ پنهنجو پاڻ کي سزا کانپوءِ معاشري ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ ڀرپور طريقي سان تي??ر ڪري سگهن.