اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن سميت سمورن پاڪستاني شهرين کي اپيل ڪئي ??هي ته هو ملڪي مستقبل ۽ جمهوريت جي خاطر 27 مارچ تي گهرن کان ٻاهر نڪرن، اسان عمران ??ان ۽ آئين پاڪستان سان گڏ بيٺل آه??ون?? سمورن اتحادين سان رابطو آهي، ايم ڪيو ايم جا اڳواڻ زيرڪ ۽ سلجهيل سياستدان آهن، منهنجي خيال ۾ اهي مخالف ڌر جي هنج ۾ نه ويهندا. پارليامينٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ??ه اڄ وزيراعظم قوم کي واضح پيغام ڏنو آهي ته فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي ته توهان کي چڱائي يا برائي مان ڪهڙي طرف بيهڻو آهي، پرڏيهي وزير چيو ته هڪ طرف مفاد پرستن جو ٽولو آهي جنهن کي ملڪي مفادن، معيشت ۽ نه ئي ??قتصادي ضرورتن سان ڪو واسطو آهي، اهي ماڻهو هڪ نڪاتي ايجنڊا تحت عمران ??ان کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۽ لُٽ مار لاءِ رستو همو??ر ڪرڻ چاهي ٿو. انهن جو منشور هڪ آهي نه ئي پارتٽي جهنڊو هڪ آهي، انهن ماڻهن پوري قوم کي پريشان ڪري رکيو آهي، پرڏيهي وزير چيو ته آئون پاڪستان جي سمورن باشعور شهرين کي گذارش ڪريان ٿو ته هو 27 مارچ تي پنهنجي گهرن کان ٻاهر نڪرن ۽ پريڊ گرائونڊ اسلام آباد ۾ پنهنجي موجودگي کي يقيني بڻائين. اسان عمران ??ان ۽ جمهوريت سان گڏ بيٺل آه??ون?? اسان جا پنجاب، ڪي پي ڪي، آزاد ڪشمير سميت سمورن ماڻهن سان رابطا ٿي رهيا آهن، ڪي پي ڪي کان ماڻهن جو سمنڊ ايندو. هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير چيو ??ه اسان جا اتحادين سان رابطا آهن، اهي آزاد آهن، مون کي يقين آهي ??ه اهي مناسب وقت تي مناسب فيصلو ڪندا، هن چيو ??ه ايم ڪيو ايم کي ڏسڻو پوندو ??ه اهي پي ٽي آءِ کان عليحدگي اختي??ر ڪري ڪنهن سان گڏ وڃي رهيا آهن، پي پي سان گڏ، ان پ پ پ خلاف ته ڪجهه ڏينهن اڳ احتجاج ڪري رهي هئي ??ه انهن ڪراچي سان ناروا سلوڪ ڪيو، انهن جا فنڊ هڙپ ڪيا، جيڪي بلدياتي قانون کڻي آيا ان تي ته پوري سنڌ سراپا احتجاج آهي، اهي سنجيده ۽ سلجهيل ماڻهو آهن، منهنجي خيال ۾ ته هو انهن جي هنج ۾ نه ويهندا. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي او آءِ سي اجلاس جي حوالي سان چيو ??ه اسلام آباد ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي انتهائي ڪامياب انعقاد سان پوري امت ۾ پاڪستان جو وقار بلند ٿيو آهي، هن چيو ??ه او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن به پاڪستان جي لاءِ خيرسگالي جو اظه??ر ڪيو، هن چيو ??ه او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي سربراهه هجڻ جي ناطي پاڪستان، او آءِ سي جي منظور ڪيل قراردادن تي عملدرآمد جي لاءِ طريقيڪار جوڙڻ جي غرض سان هڪ ٻيو وزارتي اجلاس طلب ڪندو. پرڏيهي وزير والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي سخت خدشن جو اظه??ر ڪندي چيو ??ه او آءِ سي اجلاس ۾ ٻين نمايان تڪرارن کي به ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ايڪشن پلان تي اتفاق ڪيو ويو. هن چيو ??ه ايڪشن پلان ان سلسلي ۾ او آءِ سي سيڪريٽريٽ جي ڪردار جو تعين ڪندو آهي.