راولپنڊي – 04 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم 24 سالن کانپوءِ پاڪستان آئي آهي، ملڪ ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي خوش آئند آهي، اسان جي اپوزيشن سدائين عوام جي خلاف بيهي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيم ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ مئچ شروع ٿيڻ تي ڪيو. وفاق?? وزير چوڌري فواد حسين سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان گڏ راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽ??ڊي?? جو دورو ڪيو ۽ رانديگرن سان ملي خوشي جو اظهار ڪيو. هن ان موقعي تي چيو ته اپوزيشن ان فٽ آهي، مئچ نه کيڏي سگهندي، لانگ ۽ شارٽ مارچ ڪندڙن کي به چوندس ته پنهنجي گاڏي پڪڙين ۽ جلدي سان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ڏسڻ اچن، انهن کي فري پاس ڏينداسين، انهن کي به عام ماڻهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهي اهو چوڻ جي قابل ٿين ته اهي به عام ماڻهن سان گڏ بيٺل آهن، اسان هر ڀيري ڏسندا آهيون ته ڀلي اهو پئسو ڦرڻ جو معاملو هجي، گورننس جو معاملو هجي يا راندين جو اسان جي اپوزيشن سدائين عوام جي خلاف ئي بيٺل هوندي آهي ۽ هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ بحال ٿي رهي آهي ايترو وڏو ايونٽ ٿي رهيو آهي، اپوزيشن جو اهو ئي رويو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته مخالف ڌر جي قيادت ??ي چوندس ته انهن کي هڪ فري باڪس ڏينداسين ۽ اهي چار ڏينهن آرام سان مئچ ڏسن ۽ ان کانپوءِ پنهنجي اسٽريٽجي ٺاهين ڇو ته ماڻهو ته انهن جا پورا نه ٿي رهيا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاق?? وزير چيو ته اسان چاهيون ٿا ته انڊين ڪرڪيٽ ٽيم به هتي اچي، پاڪستان ۾ زبردست مئچز ٿيڻ گهرجن ۽ بجاءِ ان جي ته پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کي روڪيو وڃي اسان کي پاڪستان ۽ انڊيا جي ڪرڪيٽ کي سپورٽ ڪرڻ ۽ راندين کي فروغ ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته منهنجو اهو مڃڻ آهي ته ڀارت ۾ به اهڙا آواز هوندا جيڪي شدت پسندي کي رد ڪن ٿا. ان موقعي تي وفاق?? وزير ڪرڪيٽ جي بحالي تي پي سي بي، سي اي، آءِ سي سي عملدارن جا ٿورا مڃيا. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل پڻ رانديگرن سان ملاقات ڪئي ۽ ملڪ ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي بحالي تي خوشي جو اظهار ڪيو.