اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) وزي??اع??م جي سياسي معاملن واري خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته روسي سيڙپڪارن جي لاءِ پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. پي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته روسي واپاري پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا ۽ ان جي لاءِ مختلف شعبن ۾ وسيع موقعا موجود آهن. ڊاڪٽر شهباز گل چيو ته روس توا??ائ?? جي فراهمي جي حوالي سان دنيا جو هڪ وڏو ملڪ آهي، چاهيون ٿا ته روس پاڪستان ۾ توا??ائ?? سميت ٻين شعبن ۾ ڀرپور سيڙپڪاري ڪري. وزي??اع??م عمران خان جي روس جي دوري تي تبصرو ڪندي هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ لازمي آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ خاص معاون چيو ته پاڪستان روسي عملدارن سان توا??ائ?? ۽ ٻين اقتصادي شعبن تي نتيجاخيز ڳالهيون ڪندو.