بيجنگ – 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڀارت جي جارحاڻي رويي ۽ هندوتوا نظريي جي غلبي کي ??لا??قائي امن لاءِ خطرو قرار ڏيندي چيو آهي ته عالمي برادري کي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڪشمير ۾ ظلمن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، افغانستان ۾ امن ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ تع??ون پاڪستان ۽ چين جي گڏيل مفاد ?? آهي، درپيش چئلينجن جي پيش نظر دنيا هاڻي هڪ ٻي سرد جنگ جي سٽ نٿي سهي سگهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب چين جي دوري دوران وزيراعظم عمران خان چين جي مشهور ٿنڪ ٽينڪس، يونيورسٽين ۽ پاڪستان اسٽيڊيز سينٽرز جي سربراهن ۽ نمائندن سان خصوصي اجلاس منعقد ڪيو. اجلاس دوران وزيراعظم پاڪ چين لاڳاپن جي اهميت ۽ ??لا??قائي استحڪام ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو. هن گهڻ رخي فورمز تي پاڪ – چين گڏيل موقف کي اجاگر ڪندي ون چائنه پاليسي ۽ بنيادي مفاد رکندڙ ٻين معاملن تي پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ڪشمير تڪرار تي چين جي پختي حمايت تي به ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم چين سان پاڪستان جي سدابهادر اسٽريٽجڪ حصيداري جو ورجاءُ ڪندي صدر شي جن پنگ جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو جي هڪ اهم م??صو??ي جي طور تي سي پيڪ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته جتان کان سي پيڪ جو پهريون مرحلو بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ رابطي تي مرڪوز هو ??تان ايندڙ مرحلي ۾ صنعتڪاري، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ تع??ون ۽ زرعي شعبي تي ڌيان ڏنو ويندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سيڙپڪاري لاءِ ٻين ماڳن جي برابر يا ان کان بهتر مراعتن جي آڇ ڪري رهيو آهي. وزيراعظم زور ڏنو ته بي شمار عالمي چئلينجن جي پيش نظر دنيا کي هڪ ٻي سرد جنگ جي ضرورت نه آهي، ورهاست جي نتيجي ۾ مصيبتن ۾ اضافو ۽ گڏيل فائدن کان محرومي جو خدشو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو اهو ??زم هو ??ه عالمي سياست ۾ تصادم بدران تع??ون ٿيڻ گهرجي، پاڪستان ماضي ۾ ان ڏس ۾ پل جو ڪردار ادا ڪيو ۽ هو ٻيهر اهڙو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. وزيراعظم پاڪستان جي قومي سلامتي پاليسي جو حوالو ڏيندي زور ڏنو ته سندس حڪومت اهڙي پاليسي ۾ اقتصادي سلامتي کي بنيادي اهميت ڏني آهي، اهو ويزن رابطن ۽ ترقياتي حصيداري تي ٻڌل آهي، جنهن لاءِ چين ۽ پاڪستان جي حصيداري اڻٽر آهي. ??لا??قائي تناظر کي بحث هيٺ آڻيندي وزيراعظم چيو ته هو ??مجهي ٿو ته افغانستان ۾ امن ۽ سلامتي کي يقيني بنائڻ ۾ تع??ون پاڪستان ۽ چين جي گڏيل مفاد ?? آهي، هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته افغانين کي ان مشڪل وقت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، هن امن، ترقي ۽ رابطن جي گڏيل مقصدن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پاڪستان ۽ چين جي افغانستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ڀارت جي جارحاڻي رويي ۽ هندوتوا نظريي جي ڪاهه کي ??لا??قائي امن لاءِ خطرو ۽ خطي جي ڊگهي عدم استحڪام جو سبب قرار ڏيندي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي مسلسل ظلمن طرف ڌيان ڏياريو ۽ عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو ڪشميرين جي خلاف ڀارتي ظلمن تي ڌيان ڏي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي ٿنڪ ٽينڪس، يونيورسٽين ۽ تحقيقي ادارن جي وچ ۾ ثقافتي ۽ علمي رابطن سميت عوامي سطح تي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن کي درپيش گڏيل خطرن ۽ موقعن کي بهتر انداز ۾ سمجهڻ لاءِ گڏيل تحقيق ۽ فڪري مڪالمي لاءِ وڌيڪ ڪوششن تي زور ڏنو. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، ناڻي واري وزير شوڪت فياض ترين، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، م??صو??ابندي واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جي سي پيڪ بابت خاص مددگار خالد م??صو??، قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.