اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي چين جي دوري دوران چين جي مختلف ڪاروباري شخصيتون ۽ وڏن سيڙپڪارن سان مل??قاتون ٿينديون. چين مان ڪيترائي ڪاروباري ۽ صنعتي يونٽس پاڪستان منتقل ٿيندا، ان دوري سان پاڪ چين گهرن لاڳاپن جي سگهه ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. اها ڳالهه هن وزيراعظم عمران خان جي چين جي دوري جي حوالي سان پنهنجي هڪ وڊيو بيان ۾ چئي، چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان اڄ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ ??ين جي اهم دوري تي روانو ٿي رهيو آهي. پنهنجي چين جي دوري دوران وزيراعظم عمران خان چين جي صدر شي چن پنگ سان مل??قات ڪندو. صدر شي چن پنگ ٻن سالن کانپوءِ ڪنهن عالمي اڳواڻ سان مل??قات ڪندو جيڪو وزيراعظم عمران خان هوندو. هن چيو ته وزيراعظم جي چين جي دوري جو مقصد ونٽر اولمپڪس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ۽ ان جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪري پاڪستان جو خير سگالي جو جذبو پهچائڻ آهي، هن چيو ته ان موقعي تي 20 ٻين ملڪن جا سربراهه به چين ۾ موجود هوندا. وزيراعظم جي چين جي مختلف ڪاروباري شخصيتن سان مل??قاتون به ٿينديون. ان دوري کانپوءِ چين مان ڪيترائي ڪاروباري ۽ صنعتي يونٽس پاڪستان منتقل ٿيندا. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي چين جي صدر ۽ وزيراعظم سان به ڌار ڌار مل??قاتن کانسواءِ چين جي وڏن سيڙپڪارن سان مل??قاتون به طئي آهن، اهو دورو هماليه کان اونچي ۽ بحيره عرب کان ??هِ??ي پاڪ چين لاڳاپن جي سگهه ۾ وڌيڪ اضافو ڪندو.