اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين لاهور پريس ڪلب جي ڪ??ئونسل ميمبر ۽ سينيئر ڪرائم رپورٽر حسنين شاهه جي قتل جي ??خت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته حڪومت مقتول صحافي جي وارثن ۽ صحافي برادري سان گڏ بيٺل آهي، ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ بر??بر جا شريڪ آهيون. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ص??افي حسنين شاهه جو خون رائيگان نه ويندو، قتل ۾ ملوث ڏوهارين کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. هن چيو ته مقتول حسنين شاهه جي پونئيرن کي هر صورت ۾ انصاف فراهم ڪيو ويندو.