اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته شهرن جي ترقي لاءِ اهڙي ڊگهي مدي واري منصوبابندي جي ضرورت آهي جنهن جي نتيجي ۾ شهرن جو انتظام ۽ انصرام عوام کي بهتر خدمتون فراهم ڪري سگهي ۽ اوڳاڙيون به ٿي سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ لاهور شهر ۾ ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ رستن جي تعمير جي منصوبن جي حوالي سان منعقد اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته ل??هور شهر مان تمام گهڻي اوڳاڙي گڏ ٿي سگهي ٿي. هن ان سلسلي ۾ شهر جي اهم زمينن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جيڪي هن وقت استعمال ۾ نه آهن ۽ بيڪار پيل آهن. وزيراعظم چيو ته شهر انهن اهم جاين کي عوامي مفاد جي منصوبن لاءِ استعمال ۾ آڻي نه ر??و انهن زمينن مان فائدو کڻي سگهجي ٿو پر ان سان حڪومت ڪافي اوڳاڙيون به حاصل ڪري سگهي ٿي. وزيراعظم تجويز ڏني ته ل??هور ۾ شهري منصوبن کي سرڪاري ۽ جي شعبي جي حصيداري سان راوي اربن ڊيولپمينٽ ۽ سينٽرل ڊسٽرڪٽ منصوبن جي طرز تي هلايو وڃي. اجلاس کي پنجاب حڪومت جي گلبرگ ۾ بوليورڊ ايم ٽو موٽروي ايليويٽيڊ ايڪسپريس وي منصوبي بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ايليويٽيڊ ايڪسپريس وي لاهور جي شهرين ۽ مسافرن کي شرقي ۽ غربي روٽ فراهم ڪندو ۽ ان سان موجوده رستن تي ٽريفڪ جي دٻاءُ ۾ گهٽتائي ايندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب حڪومت ان کان اڳ ان منصوبي لاءِ 5 ارب رپيا خرچ ڪيا جڏهن ته منصوبي جي ڪل لاڳت جو ڪاٿو 61 ارب رپيا لڳايو وي?? آهي ۽ هو 15 مهينن ۾ مڪمل ٿيندو. ان منصوبي سان سفر جو وقت 30 منٽ گهٽ ٿيندو ۽ روزانو 73 هزار گاڏيون اهو روٽ استعمال ڪنديون. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي و??ير شوڪت رين، تعليم واري وفاقي و??ير شفقت محمود، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي و??ير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين ۽ وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل شرڪت ڪي جڏهن ته پنجاب جو وڏو و??ير سردار عثمان بوزدار، پنجاب جا صوبائي و??ير ۽ سينيئر عملدار وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا.