اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانست??ن جي فوري مدد نه ڪئي وئي ته انساني بحران وڌيڪ وڌي سگهي ٿو، معاشي تباهي جا اثر پاڙيسري ملڪن تي پوندا، 20 سالن جي ڊگهي جنگ به افغان تڪرار جو حل نه ڪڍي سگهي، افغانستان ۾ امن پاڪستان، خطي ۽ دنيا جي مفاد ۾ آهي، اسلامي تعاون تنظيم، او آءِ سي ڪانفرنس جو مقصد افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ ترقي لاءِ رستو هموار ڪرڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار پرڏيهي وزارت ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي ارادن ۽ مقصدن جي حوالي سان، مقامي ۽ عالمي ميڊيا نمائندن کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان هن وقت خطرناڪ معاشي ۽ انساني بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي. شاهه محمود قريشي افغان صورتحال جي حوالي سان چيو ته پاڪستان کي افغانستان جو ويجهي پاڙيسري هجڻ جي ناطي ان صورتحال تي گهري ڳڻتي آهي. اسان پنهنجي اقتصادي ترجيحن تي ڌيان ڏنو آهي، تنهن هوندي به اسان ا??تصادي ترجيحن کي عملي جامو پارائڻ لاءِ پرامن ا??غانستان اس??ن جي مفاد ۾ آهي، هن چيو ته افغانستان 38 ملين ماڻهن تي مشتمل ملڪ آهي. سردي جي شدت ۾ به اضافو ٿيندو رهيو آهي، يو اين ڊي پي موجب جيڪڏهن ا??غانست??ن جي صورتحال تي فوري ڌيان نه ڏنو ويو ته 2022ع جي وچ ڌاري 97 سيڪڙو افغان غربت جي سطح کان هيٺ هليا ويندا، ورلڊ فوڊ پروگرام موجب افغانستان ۾ صرف 5 سيڪڙو افغانين کي مناسب خوراڪ دستياب آهي، هن چيو ته 11 اهم آمريڪي شخصيتن جن ۾ اڳوڻا سفير ۽ ڪمانڊر شامل آهن هنن گڏيل طور تي بائيڊن ا??تظاميه کان مطالبو ڪيو آهي ته افغانستان کي انساني الميي کان بچائڻ لاءِ کين اڪليو نه ڇڏيو وڃي، هي اهو ئي موقف آهي جنهن طرف پاڪستان عالمي برادري کي ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکيون آهن، پرڏيهي وزير چيو ته جيڪڏهن ا??غانست??ن جي صورتحال تي فوري ضابطو نه آندو ويو ته گذريل 20 سالن ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڪيل ڪوششون مٽي ۾ ملي وينديون ۽ دهشتگرد گروهن کي وڌڻ ويجهڻ جو موقعو ملندو. اسان عالمي برادري کي اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته افغانستان ۾ 40 سالن کانپوءِ قيام امن جي اميد پيدا ٿي آهي ان موقعي کي ضايع نه ٿيڻ گهرجي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ويجهي پاڙيسري هجڻ جي ناطي ان ا??ساني الميي کان بچاءُ لاءِ مسلسل آواز اٿاري رهيو آهي، هن چيو ته ڪاسا 1000، ٽرانس نيشنل ريلوي نيٽ ورڪ ۽ ٻين علائقائي نوعيت جي منصوبن جي تڪميل لاءِ افغانستان جو امن اڻٽر آهي، مون نيويارڪ ۾ سيڪريٽري آف اسٽيٽ، بلنڪن کي افغانست??ن جي ابتڙ صورتحال کان آگاهه ڪندي عالمي برادري پاران فوري ڌيان ۽ مدد جي ضرورت تي زور ڏنو، پرڏيهي وزير چيو ته اڄ دنيا اس??ن جي آواز تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ افغانست??ن جي مدد لاءِ آمادگي جو اظهار ڪري رهي آهي، عالمي برادري جي افغانستان سان ڪجهه اميدون وابسته آهن جڏهن ته مون ڪابل جي دوري دوران طالبان عبوري قيادت کي انهن ا??يدن کان آگاهه ڪيو. انهن ا??يدن ۾ افغانستان ۾ بنيادي انساني حقن خ??ص طور تي عورتن جي حقن جي پاسداري، دهشتگردي جي خاتمي جي خاطري، اجتماعيت جي حامل حڪومت سازي جهڙا نڪتا شامل آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان ا??غان قيادت تي زور ڏنو ته عالمي برادري جي اميدن تي پورو لهڻ انهن جي مفادن ۾ آهي، ٻي طرف اسان عالمي برادري تي زور ڏنو ته ماضي جي غلطين کي نه ورجايو وڃي، پرڏيهي وزير چيو ته افغانست??ن جي صورتحال تي ڏينهون ڏينهن سنگين ٿيندي پئي وڃي جيڪو عالمي برادري پاران فوري ڌيان ۽ مدد جي گهرجائو آهي. افغانستان ۾ بئنڪنگ سسٽم جي عدم دستيابي جي ڪري، افغانستن جي ٻاهر ويٺل ماڻهو، خواهش جي باوجود افغانستان ۾ پنهنجي پيارن جي ڪا به مدد نٿا ڪري سگهن. اڄ عالمي برادري انسانيمدد لاءِ افغانستان سان ا??گيجمينٽ لاءِ آماده آهي، پرڏيهي وزير چيو ته مدد جي فوري ضرورت کي نظر ۾ رکندي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو غير معمولي اجلاس جيڪو هنگامي طور تي منعقد ٿي رهيو آهي، پرڏيهي وزير واضح ڪيو ته پاڪستان ا??غانست??ن جي جيتري ٿي سگهي مدد ڪئي آهي پر اها ذميداري پاڪستان اڪيلو ادا نٿو ڪري سگهي. اسان کي اميد آهي ته ان ا?? آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي غير معمولي اجلاس جي ذريعي اسان عالمي برادري کي اصل صورتحال کان آگاهي ڏيارڻ ۽ لکين ا??غان شهرين جي انساني بنيادن تي فوري امداد لاءِ لائحه عمل جي جوڙجڪ لاءِ اڳتي وڌي سگهون. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انساني بنيادن تي لکين ا??غان شهرين کي انساني بحران کان بچائڻ لاءِ، اڳتي وڌيو و??ي. ??اهه محمود قريشي چيو ته افغانست??ن جي فوري مدد نه ڪئي وئي ته انساني بحران وڌيڪ وڌي سگهي ٿو. افغانست??ن جي صورتحال سان يورپي ملڪن چڱي ريت آگاهه آهن، افغانستان ۾ امن خ??ي ۽ دنيا جي مفاد ۾ آهي، ٿورڙي به غفلت پوري خطي کي متاثر ڪري سگهي ٿي. پاڪستان، افغانستان بابت جيڪو به ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو ڪري رهيو آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان، او آءِ سي جو بنيادي ميمبر ملڪ آهي کين اڪيلو نٿو ڇڏي سگهي، پاڪستان ا??غانست??ن جي انساني بنيادن تي مدد ڪري رهيو آهي.