اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان چيو آهي ته آلودگي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ پائيدار ماحولي??تي تحفظ منصوبو وقت جي اهم ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ آلودگي بابت مسئلن جي حوالي ??ان منعقد اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته هو ملڪ جي وڏن سهرن کي آلودگي کان بچائڻ لاءِ صوبائي حڪومتن سان گڏجي حڪمت عملي ??وڙين ۽ ان سلسلي ۾ فوري طور تي سمورا ضروري قدم کنيا وڃن. وزيراعظم چيو ته صاف سٿرو ۽ آلودگي کان پاڪ پاڪستا?? اسان جي اولين ترجيح آهي. ماحولي??تي تبديلي ??ابت مسئلن جي حل لاءِ پائيدار بينادن تي قدم کڻڻ گهرجن. وزيراعظم چيو ته وڏي پئماني تي شهرن ۾ وڻڪاري جي ذريعي حڪومت وڌ کان وڌ ٻوٽا لڳائڻ تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وزيراعظم ??ي ماحولي??تي تبديلي ??ابت خاص مددگار ملڪ امي?? اسلم، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل ۽ ٻين سينئر عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته پنجاب جو چيف سيڪريٽري، سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو بابر حيات تارڙ وڊيو لنڪ جي ذريعي شريڪ ٿيا.