اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏي??ي وزير شاهه محمود قريشي ??يو آهي ته پاڪستان ڪينيا سان گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي اقتصادي، واپاري ۽ دفاعي تعاون جي فروغ لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏي??ي وزير ڪينيا جي هم منصب ريچل اومامو سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، ٻن??ي پرڏي??ي وزيرن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، واپاري ۽ اقتصادي تعاون، افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏي??ي وزير ??يو ته پاڪستان ڪينيا سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. انگيج آفريقا پاليسي اسان جي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، هن ??يو ته پاڪستان ڪينيا سان گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي اقتصادي واپاري دفاعي تعاون جي فروغ لاءِ پرعزم آهي، پرڏي??ي وزير آڪٽو??ر مهيني لاءِ سيڪيورٽي ڪائونسل جي صدارت جو منصب سنڀالڻ تي ڪينيا جي پرڏي??ي وزير کي مبارڪباد پيش ڪئي، ٻن??ي پرڏي??ي وزيرن جي وچ ۾ افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، شاهه محمود قريشي ??يو ته ويج??ي پاڙيسري هجڻ جي ناطي افغانستان ۾ اڀرندڙ انساني ۽ معاشي بحران تي گهري ڳ??تي آهي، جيڪڏهن افغانستان ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ته افغان پناهگيرن جي يلغار سميت ڪيترائي مسئلا درپيش ايندا، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عالمي برادري افغانين کي انساني ۽ معاشي مدد جي فراهمي لاءِ ٺوس قدم کڻي، پرڏييه وزير ڪينين هم منصب کي نيزوبي ۾ موجود، سعودي عرب وڃڻ جي منتظر پاڪستانين جي فوري مدد جي درخواست ڪئي، ڪينين پرڏي??ي وزير ريچل اومامو نيروبي ۾ سعودي عرب وڃڻ جي منتظر پاڪستانين کي جلد سعودي عرب موڪلڻ لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.