دوشنبي – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حس??ن چيو آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم سان اسان جُون ڪيتريون اميدون جڙيل ??هن، اسان جو بنيادي معاشي نڪتو وچ ايشيائي رياستن سان ويجها رابطا قائم ڪرڻ آهي. شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم هڪ ٻيو موقعو فراهم ڪيو آهي، اسان هن خطي ۾ علائقائي تعاون چاهيون ٿا، اسان ان موقعي تي افغانستان جي مسئلي تي ڳالهائڻ چ??هيون ٿا، هن چيو ته اميد آهي ته اهو ڏينهن جلد ايندو جڏهن افغانستان به هن سربراهي اجلاس ۾ ڀرپور شرڪت ڪندو.