اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اي??ر لفٽ ڪمپني پاران 8 ڪروڙ 50 لک ڊالر جي تازي سيڙپڪاري جي آجيان ڪندي چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته مشهور اي??ر لفٽ ڪمپني پاران پاڪستان ۾ 8 ڪروڙ 50 لک ڊالر جي تازي سيڙپڪاري جي آجيان ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته اي??ر لفٽ ڪمپني جي قيادت پاڪستاني نوجوان ڪري رهيا آ??ن، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار لاءِ وڏي صلاحيت موج??د آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.