اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ لائيو اسٽاڪ شعبي جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ ??ي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان سا?? معاشي ترقي، غذائي تحفظ ۽ غربت جي خاتمي ۾ مدد ملي سگهي ٿي، لائيو اسٽاڪ شعبي ۾ پرڏيهي ناڻو حاصل ڪرڻ جي وڏي صلاحيت آهي، لاڳاپيل ادارا گوشت برآمد ڪندڙن کي سهولتون ڏين ۽ انهن جون مشڪلاتون حل ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻن. هو گوشت جي روانگي واپار ۽ پراسيسنگ بابت اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.