اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ خيبرپختونخوا ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 135 فوتگيون ٿيون جنهن مان 45 فوتگيون وي??ٽي??يٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 4 هزار 681 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وي??ٽي??يٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 81 سيڪڙو، لاهور ۾ 79 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 88 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ?? 51 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 74 سيڪڙو، صوابي ۾ 95 سيڪڙو، چا??سده ۾ 93 سيڪڙو ۽ گجرانوالا ۾ 85 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 48 هزار 92 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 10 هزار 176، پنجاب ۾ 22 هزار 781، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 874، اسلام آباد ?? 5 هزار 493، بلوچستان ۾ 1 هزار 230، گلگت بلتستان ۾ 535، آزاد ڪشمير ۾ 1 هزار 3 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوو??ڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 6 لک 41 هزار 912 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوو??ڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وي??ٽي??يٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوو??ڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وي??ٽي??يٽرز تي ڪوو??ڊ 19 جا 504 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوو??ڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 76 هزار 757 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 7 لک 34 هزار 423 آهي.