اسلام آباد – 11 ا??ري?? (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان چيو آهي ته ڪير بکيو نه سمهي پروگرام کي پوري ملڪ تائين سگهه ڏينداسين، سرندي وارا ماڻهو ان پروگرام ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن، هر شهري جي لاءِ هيلٿ انشورنس جو پروگرام فخر جوڳو آهي، ان پروگرام کانپوءِ هاڻي ڳوٺاڻن علائقن ۾ به نجي شعبي ۾ سٺيون اسپتالون ٺهنديون. لاهور، پشاور ۽ فيصل آباد ۾ ڪير بکيو نه سمهي پروگرام جاري ڪرڻ جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزير??عظ?? چيو ته ڊاڪٽر ثانيه نشتر کي خاص ط??ر تي ڪير بکيو نه سمهي پروگرام جي تصور کي عملي جامعو پارائڻ تي مبارڪب??د پيش ڪريان ٿو. هن ان تصور کي ٽرڪ موبائيل ڪچن جو تصور ڏئي عملي جامعو پار??يو?? جيڪي علائقا سڀ کان وڌيڪ پٺتي پيل ۽ غريب هوندا اتي ان پروگرام تحت اهي موبا.ئيل ٽرڪ ماڻهن کي کاڌو فراهم ڪنديون، شروعاتي ط??ر تي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪيو ويو ان ۾ جيڪي مشڪلاتون اچي رهيون هيون انهن جو جائزو ورتو ويو ۽ ان کانپوءِ لاهور، پشاور ۽ فيصل آباد ۾ اهو پروگرام شروع ڪيو پيو وڃي، هي شروعات آهي، ان جو دائرو پوري ملڪ تائين وڌايو ويندو، غريب ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ اهي موبائيل ٽرڪ موڪليون وينديون.