اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) نئون پاڪستان هائوسنگ ڊيولپمينٽ اٿارٽي تحت فيز ون ۾ هن سال جي آخر تائين هڪ لک گهرن جي تعمير ل??ءِ مقرر ڪيل موزوينت ۽ ادائيگي جي طريقيڪار ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير حڪومت سان رهتن ۽ ٽيرف بابت معاملن جي حل ل??ءِ ذيلي ڪميٽي قائم ڪرڻ ??ي منطوري ڏئي ڇڏي آهي. اجلاس ۾ ٿرڪول بيسڊ پراجيڪٽ جي ل??ءِ مقامي بئنڪن کان 15:250 ارب رپين جي قرض ل??ءِ پاڪستان حڪومت جي ساورن گارنٽي جاري ڪرڻ ??ڏهن ته 3 لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ ??ي منظوري پڻ ڏني وئي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ن??ڻي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.