اس??ام آباد – 07 مارچ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان چيو آهي ته وزيراع??م عمران خان جو 25 سالا ڊگهو سياسي ڪيريئر چئلينجز سان ڀريل آهي ۽ هو ڄاڻي ٿو ته انهن کي ڪهڙي طرح منهن ڏيڻو آهي، وزيراع??م عوام کي ريليف ڏئي انهن جي زندگي جي معيار ۾ تبديلي آڻڻ جي مشن تي گامزن آهي، وزيراع??م عمران خان پهرين ڏينهن کان پنهنجي واعدي تي قائم آهي ته بدعنوان عنصرن جي خلاف بنا ڪنهن فرق جي احتساب جو عمل جاري رهندو. نجي ٽي وي چينل سان ڳ??لهائيندي هن چيو ته ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن وزيراعظم پاڻ قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ ورتو آهي جڏهن ته ان کي آئيني يا قانوني طور تي ان جي ڪا ضرورت نه هئي. علي محمد خان چيو ته مون کي پارلياماني ميمبرن تي فخر آهي جن وزيراع??م عمران خان جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ۽ اسان عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ جي خوشحالي ۽ ترقي جو سفر جاري رکنداسين.