اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دورا?? ڪورونا و??ئر?? سبب سڀ کان وڌيڪ فوتگيون پنجاب کان پوءِ سنڌ ۾ رڪارڊ ڪيو ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دورا?? ڪورونا و??ئر?? سبب 56 فوتگيون ٿيون، جنهن مان 25 فوتگيون وينٽيلرز تي موجود مريضن جو هيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار 165 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 56 ماڻهو فوت ٿيا جنهن مان 48 ماڻهو اسپتالن جڏ??ن ته 8 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان و??ئر?? سبب فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ ??? 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 21 سيڪڙو، لاهور ۾ 37 سيڪڙو، پشاور 26 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ?? 33 ??يڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 39 سيڪڙو، ملتان ۾ 31 سيڪڙو، گجرات ۾ 61 سيڪڙو ۽ لاهور ۾ 22 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دورا?? ڪوويڊ – 19 جا 33 هزار 196 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 9 هزار 504، پنجاب ۾ 10 هزار 775، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 595، اسلام آباد ۾ 4 هزار 995، بلوچستان ۾ 597، گلگت بلتستان ۾ 377، آزاد ڪشمير ۾ 353 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 28 هزار 545 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏ??ن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 247 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 25 هزار 8 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا و??ئر?? کان متاثر ماڻهن جو انگ 5 لک 65 هزار 989 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 9 هزار 562، بلوچستان ۾ 18 هزار 954، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 943، اسلام آباد ۾ 42 هزار 921، خيبرپختونخواهه ۾ 70 هزار 123، پنجاب ۾ 1 لک 65 هزار 200 ۽ سنڌ ۾ 2 لک 54 هزار 286 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 12 هزار 436 آهي جن مان سنڌ ۾ 4 هزار 244 فوتگيون، جڏ??ن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 11 مريض اسپتالن ۽ 7 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان و??ئر?? سبب فوت ٿيا. پنجاب ۾ 5 هزار 114 فوتگيون جڏ??ن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 29 مريض اسپتالن ۾ ۽ هڪ مريض گهر ۾ قرنطينه دورن ان و??ئر?? سبب فوت ٿيو. خيبرپختونخواهه ۾ 2 هزار 7 فوتگيون ٿيون جڏ??ن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 7 مريض اسپتالن ۾ ان و??ئر?? سبب فوت ٿيا، اسلام آباد ۾ ڪل 486 فوتگيون ٿيون. بلوچستان ۾ 199 فوتگيون، گلگت بلتستان ۾ 102 فوتگيون، آزاد ڪشمير ۾ ان و??ئر?? سبب 284 فوتگيون ٿيون جڏ??ن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 1 مريض اسپتال ۾ ان و??ئر?? سبب فوت ٿيو. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا 85 لک 31 هزار 218 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 631 اسپتالن ۾ 2 هزار 113 مريض علاج هيٺ آهن.