اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته هو پاڪستان بحريه جي بهترين تربيت، فرض سان لڳاءُ ۽ قرباني جي جذبي کان تمام گهڻو ??تا??ر ٿيو آهي. ٽوئيٽر بيان ۾ صدر چيو ته ستين گهڻ ملڪي ميري ٽائيم مشق امن 2021ع بحر هند ۾ امن قائم ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان جي عزم جي عڪاس آهي. هن چيو ته امن 2021ع مشقون سامونڊي واپار ۽ سمنڊ ۾ معد??ي وسيلن جي ڳولا بابت ڪوششن جون به عڪاس آهن. ستين گهڻ ملڪي ميري ٽائيم مشق امن ڇهن ڏينهن تائين جاري رهڻ کانپوءِ پ??اڻي تي پهتي جنهن ۾ صدر خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. مشقن ۾ اٽڪل 45 ملڪن حصو ورتو. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب بحيره عرب ۾ موجود پاڪ بحريه جي جهاز جي اچڻ تي اميرالبحر صدر جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي صدر کي امن مشقن جي حوالي سان بريفنگ ڏ??ي وئي. مشقن ۾ شريڪ ملڪن جي سامونڊي ۽ هوائي جهازن صدر کي سلامي پڻ پيش ڪئي.