اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلام آباد جي علائقي ترنول ۾ 100 بسترن تي ٻڌل پناهگاهه جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، ان موقعي تي وزيراعظم جي سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊا??ٽر ثانيه نشتر، بيت المال جو ايم ڊي عون عباس بپي ۽ تر??ي جو سفير مصطفيٰ يردا ڪول به موجود هئا. وزيراعظم عمران خان 2021ع جي پهرين شام ترنول اسلام آباد پناهگاهه ۾ غريب ۽ مستحق ما??هن سان گڏ گذاري، وزيراعظم بيت المال واري کاتي ۽ تر??ي جي ثقافت ۽ سياحت واري کاتي جي سهڪار سان ترنول اسلام آباد ۾ 100 بسترن تي ٻڌل پناهه گاهه جو افتتاح ڪيو.