اسلام آب??د – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا قومي احتساب بيورو ۽ آمريڪا جي فيڊرل بيورو آف ??نويسٽ??گي??ن (FBI) جي وچ ۾ مفاهمتي ياداشت تي صحيحون ??رڻ?? سي ڊي اي کي اسلام آب??د ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زون قائم ڪرڻ جي لاءِ 120 ايڪڙ زمين مخصوص ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ، گلگت بلتستان ۾ ٽن سالن جي لاءِ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري مقرر ??رڻ?? ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان ۾ 16 وفاقي ڊرگ انسپيڪٽرز جي مقرري ۽ انهن جو دائرو مخصوص ڪرڻ ۽ جاويد غني کي فيڊرل بورڊ آف ??وينيو جو چيئرمين مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جڏهن ته پيٽروليم ڊويزن ڪابينا کي ملڪ ۾ گئس جي دستيابي جي حوالي سان بريفنگ ڏني، ڪابينا کي ٻڌايو ??يو ته برطانيا مان ايندڙ مسافرن جي نگراني ڪئي پئي وڃي ۽ ڪورونا ويڪسين جي حوالي سان حتمي فيصلو تمام جلد ڪيو ويندو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. ڪابينا کي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان ڪورونا وبا جي موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏني. ڪابينا کي ٻڌايو ??يو ته برطانيا مان ايندڙ مسافرن جي نگراني ڪئي پئي وڃي ۽ ڪورونا ويڪسين جي حوالي سان حتمي فيصلو تمام جلد ڪيو ويندو.