اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف پاران تعميراتي شعبي لاءِ هڪ وڏي مراعتي پيڪيج جي اعلان کانپوءِ سڄي م??ڪ ۾ وسيع پئماني تي تعميراتي سرگرمين جو آغاز ٿي ويو آهي ۽ ان سان غربت ۽ بيروزگاري ۾ واضح گهٽتائي متوقع آهي. نئون پاڪستان ??ائوسنگ اٿارٽي م??جب حڪومت نئين پاڪستان ??ائوسنگ پروگرام جي لاءِ 30 ارب روپيا سب??ڊي طور مختص ڪيا آهن، گهٽ آمدني وارن طبقن لاءِ ٺهندڙ پهرين هڪ لک گهرن تي حڪومت پاران ??ي گهر 3 لک روپين جي سب??ڊي ڏني پئي وڃي، اهڙي طرح گهٽ اگهه وارن گهرن جي لاءِ ٽيڪس جي شرح ۾ وڌيڪ 90 سيڪڙو ڇوٽ، 5 مرلي جي گهر تي 5 سيڪڙو، جڏهن ته 10 مرلي جي گهر تي 7 سيڪڙو مارڪ اپ تي ??رض ڏيڻ جي سهولت ڏني وئي آهي، ان ڏس ۾مختلف بئنڪن پاران ??رضن جي فراهمي جو سلسلو به جاري آهي، جڏهن ته بئنڪن ”منهنجو پاڪستان – منهنجو گهر“ اسڪيم تحت صارفين کي ??رض حاصل ڪرڻ ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ خصوصي ڊيسڪون به قائم ڪيون آهن، جتي ماڻهن کي ??رض حاصل ڪرڻ جي باري ۾ معلومات، گهربل ڪاغذ ۽ ??رض جي ادائيگي جي شيڊول جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويندو آهي، انهي اسڪيم تحت سڀئي پاڪستاني درخواست ڏئي سگهن ٿا، ??رض حاصل ڪرڻ تي پهرين پنجن سالن جي لاءِ 10 لک روپين تي هر مهيني قسط 6 هزار 600 روپيا، 20 لک روپين تي 13 هزار 199 روپيا، 30 لک روپين تي 19 هزار 799 روپيا، 40 لک روپين جي ??رض تي 31 هزار 12 روپيا، جڏهن ته 50 لک روپين جي ??رض تي 38 هزار 765 روپيا ادا ڪرڻا پوندا، ان اسڪيم تحت ٽي ڪيٽيگريون آهن جنهن مان ??هري?? ڪيٽيگري نئون پاڪستان ??ائوسنگ اينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي (NAPHDA) جي م??صوبن جي آهي جنهن ۾ 850 اسڪوائر فوٽ ڪورڊ ايريا تي ٻڌل 5 مرلي جا گهر يا اپارٽمينٽ شامل آهن، ٻي ڪيٽيگري ۾ Non- NAPHDA جا منصوبا شامل آهن جيڪي 850 اسڪوائر فوٽ ڪورڊ ايريا تي مشتمل 5 مرلي جا گهر يا اپارٽمينٽ تي مشتمل هوندا، اهڙي طرح ٽئي?? ڪيٽيگري ۾ به Non- NAPHDA جا منصوبا شامل آهن، جيڪي 125 مربع گز کان ??ڌيڪ 10 مرلي تائين جي گهرن تي مشتمل هوندا جنهن جو ڪورڊ ايرياز 850 مربع فوٽ کان 1100 مربع فوٽ هوندو، پهرين ۽ ٻي ڪيٽيگري جي گهرن يا اپارٽمينٽ جي وڌ کان ??ڌ قيمت 35 لک روپيا جڏهن ته ٽي?? ڪيٽيگري جي گهر يا اپارٽمينٽ جي قيمت 60 لک روپيا مقرر ڪئي وئي آهي، ان اسڪيم تحت پهري?? ڪيٽيگري لاءِ 27 لک روپيا، ٻي ڪيٽيگري لاءِ وڌ کان ??ڌ 30 لک روپيا، ٽئي?? ڪيٽيگري لاءِ 50 لک روپين تائين جو ??رض فراهم ڪيو ويندو. بئنڪون ان ??قصد لاءِ 378 ارب روپين جي رقم مختص ڪئي آهي، سڀني لاڳاپيل ڊولپمينٽ اٿارٽيز پاران ??وري مدي ۾ منصوبن جي م??ظوري لاءِ اين او سي جي پراسيسنگ ون ونڊو پورٽل جي ذريعي ڪئي پئي وڃي، وفاقي ڪابينا انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001ع ۽ فنانس ايڪٽ 1989ع ۾ ترميم جي ذريعي تعميراتي صنعت کي ٽيڪس مراعتون ڏيڻ لاءِ آرڊيننس به منظور ڪيو آهي ۽ تعميرات جي شعبي ۾ گهٽ آمدني وارن طبقن ۽ ملازمن لاءِ هائوسنگ پروجيڪٽ کي ڪيتريون ئي مراعتون به فراهم ڪيون، جنهن ۾ فڪسڊ ٽيڪس جو نظام، گهٽ وياج جي شرح تي قرضن جي فراهمي سميت ٻيون سهولتون شامل آهن، انهن قدمن سان تعميراتي م??يريل جي قيمتن ۾ به گهٽتائي آئي آهي ۽ ترقي جو ڦيٿو هڪ ڀيرو ٻيهر روان دوان ??ي ويو آهي، اهو سڀ وزيراعظم عمران خان جي ولوله انگيز قيادت جي ڪري آهي، حڪومت جي انهن قدمن جي ڪري غريب عوام هاڻي پنهنجي گهرن ۾ رهندي مسواڙ جي جاءِ تي گهر جي قسط ادا ڪري پنهنجي گهر جو خواب پورو ڪري سگهي ٿي.