اسلام آباد – 28 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پنجاب ۾ صنعتي ترقي خاص طور تي سيمينٽ جي ص??عت جي ترقي ۽ فروغ جي حوالي سان ٿيندڙ اجلاس جي صدارت ڪئي. پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، اطلاعات واري ص??بائي وزير فياض الحسن چوهاڻ، پنجاب جي چيف سيڪريٽري ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب وزيراعظم عمران خان کي ??نجاب ۾ صنعتي ترقي جي سلسلي ۾ ک??يل قدمن کان آگاهه ڪيو ويو جن ۾ اسپيشل اڪنامڪ زون جي جوڙجڪ، سمال انڊسٽريل انٽرپرائز جي حوصلا افزائي، لوڪل ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۽ هنرمند افرادي قوت تي ڌيان شامل آه??.